شجره سادات

شجره سادات (قلمي ڪتاب): هي قلمي ڪتاب بکر جي رضوي سيدن بابت، سيد قنبر علي شاهه رضوي بکريءَ 1261هه/ 1845ع ۾ تاليف ڪيو. هي ڪتاب سيد محمد مڪي بکريءَ ۽ سندس اولاد جي نسب نامن تي مشتمل آهي. ڪتاب چئن حصن تي مشتمل آهي، جن جا جملي 54 عنوان آهن. آخر ۾ سيد جلال الدين سرخ بخاريءَ، مخدوم لعل قلندر شهباز ۽ سيد علي لڪ علويءَ جا شجرا به ڏنا ويا آهن. ڪتاب ۾ خاص طرح انهن شاخن جا نسب ناما موجود آهن، جيڪي سنڌ اندر پکڙيون. هن قلمي ڪتاب جو هڪ نسخو سيد مير الهورائي شاهه روهڙيءَ واري وٽ هو، جنهن تان 1934ع ۾ پير علي محمد راشديءَ
نقل ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪيو. هن ڪتاب جو هڪ ٻيو قلمي نسخو غلام مرتضى مرتضائيءَ جو پڻ 1298هه/ 1881ع ۾ نقل ڪيل آهي. هن ڪتاب بابت پير حسام الدين راشديحديقة الاولياء’ ۾ لکيو آهي ته، هي ڪتاب هر لحاظ کان مستند ۽ قيمتي آهي. هن ۾ ڪيتريون ئي تاريخي حقيقتون بيان ڪيل آهن.


لفظ شجره ساداتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو